خيرپورناٿن شاهه: ۾ 4 مهينا گذرڻ باوجود معمول واري زندگي بحال نه ٿي سگهي

خيرپورناٿن شاهه:برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب لڳ ڀڳ چار لک جي آبادي مڪمل طور تي سخت متاثر،دادو ضلعي جو تاريخي شهر خيرپور ناٿن شاهه جنهن ۾ سڄو شهر توڙي ان جي آسپاس جون سموريون آباديون پاڻي هيٺ،سمورا گهر،فصل روڊ، اسڪول، اسپتالون، سرڪاري توڙي نجي آفيسون سڀ جون سڀ پاڻي هيٺ اچي ويون،خيرپورناٿن شاهه، هن سال برساتي ٻوڏن سبب سنڌ جي سڀ کان سخت متاثر ٿيندڙ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه مان 4 مهينا گذرڻ جي باوجود برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب لڳ ڀڳ چار لک جي آبادي مڪمل طور تي سخت متاثر ٿي آهي،دادو ضلعي جو تاريخي شهر خيرپور ناٿن شاهه جنهن ۾ سڄو شهر توڙي ان جي آسپاس جون سموريون آباديون پاڻي هيٺ اچڻ سبب سمورا گهر،فصل روڊ، اسڪول، اسپتالون، سرڪاري توڙي نجي آفيسون سڀ جون سڀ پاڻي هيٺ اچي ويون هيون، جنهن سبب خيرپور ناٿن شاهه جي سموري زندگي مفلوم بڻجي وئي هئي. تازو ڪيل سروي موجب جڏهن ڪي اين شاهه شهر ۽ اتان جي ٻهراڙين جو دورو ڪيو ويو ته خيرپور سٽي کي ڇڏي باقي آسپاس جا سوين ڳوٺ ۽ آبادين توڙي فصلن ۾ هن وقت تائين هڪ فٽ کان ٻن فوٽن تائين پاڻي بيٺل نظر اچي رهيو آهي. سروي دوران جنهن وقت فصلن جو جائزو ورتو ويو ته خيرپور ناٿن شاهه جي هزارين ايڪڙن ۾ هن وقت تائين پاڻي بيهڻ سبب اڃا تائين ڪٿي به ڪنهن فصل جي تياري ٿيندي نظر نه آئي. جڏهن ته اتي ڪجهه مقامي آبادگارن ۽ زميندارن سان جڏهن حالتن بابت معلومات ورتي وئي ته انهن جو چوڻ هو ته جڏهن برساتون پيون ته ان وقت اسين سارين، ۽ ڪڻڪ سميت مختلف فصلن جي تياري ڪري رهيا هئاسي، پر تيز برساتن سبب ڪٿي به ڪو فصل پوکي نه سگهياسين، جڏهن ته اڃا تائين پاڻي نيڪاس نه ٿيڻ جي ڪري هن سال وونئڻ بصرن سميت ڪنهن به فصل جو ٻج نه ٿا وجهي سگهون. آبادگارن جو چوڻ هو ته لڳي ٿو ته پاڻي نڪرندي نڪرندي سال لڳي ويندو ۽ تيستائين نئين سال جون برساتون ٻيهر اچي وينديون ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي ماڻهن جي زندگي معاشي لحاظ کان تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. سروي دوران اهو به معلوم ٿيو ته حيدرآباد، ڄامشورو، دادو ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن لڏي ويل ماڻهو خيرپور سٽي ۽ ٻهراڙين ڏانهن موٽي آيا آهن، پر اڃا تائين هزارين ماڻهو مختلف شهرن ۾ ٽينٽ سٽي توڙي مختلف هنڌن تي ترسيل آهن. خيرپور ناٿن شاهه ۽ آسپاس جي سمورين آبادين ۾ فصل نه هئڻ مال مويشن کان ويندي سڀ ڪاروباري سرگرميون به مڪمل طور تي متاثر ٿيل آهن. شهر ۽ ٻهراڙين جا هزارين ماڻهو ٻين شهرن ڏانهن مزدوري ڪري پنهنجي پيٽ گذر جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مجموعي طور تي خيرپور ناٿن شاهه مان پاڻي مڪمل طور تي نيڪاس نه ٿيڻ سبب سموري زندگي اڄ به سخت متاثر ٿيل آهي،برساتي ٻوڏ دوران ڪي اين شاهه ۾ عورتون ۽ ٻارڙا سخت متاثر ٿيا،برساتي ٻوڏ خيرپور ناٿن شاهه ۾ سڄي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي،ٻهراڙي جي مزدورري پيشه عورتن ۽ انهن جي ٻارڙن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو،خيرپور ناٿن شاهه: برساتي ٻوڏن جتي خيرپور ناٿن شاهه ۾ سڄي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي، اتي وڌ ۾ وڌ ٻهراڙي جي مزدورري پيشه عورتن ۽ انهن جي ٻارڙن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ۽ هن وقت تائين شهر توڙي ڳوٺن ۾ رهندڙ متاثر ٿيندڙ عورتون مختلف بيمارين توڙي بک ۽ بدحالي جهڙي مسئلن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. ڳوٺ مير حسن گاڏهي، ڳوٺ چوٻار گاڏهي، ڳوٺ گهارو ،بيد شريف ڳوٺ بگهه ٻرڙا ڳوٺ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي سبب عورتون ۽ ٻارڙا صحت جي حوالي سان به سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. صحت کاتي طرفان ٻوڏ متاثرن جي مستقل مدد نه ٿيڻ جي ڪري ارڙي، چمڙي توڙي پيٽ جي بيمارين ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي،ڪي اين شاهه جي سمورين ٻهراڙين ۾ تعليم بحال نه ٿي سگهي،ڪي اين شاهه: ڪي اين شاهه جي ڳوٺ گهارو، بيد شريف ڳوٺ، بگهه ٻرڙا ڳوٺ سميت ڪيترن ٻهراڙين ۾ قائم 25 کان مٿي بوائز پرائمري ۽ گرلز پرائمري اسڪولن ۾ ڇهه مهينا گذري وڃڻ جي باوجود تعليم بحال نه ٿي سگهي آهي. ڳوٺن ۾ پاڻي بيهڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪولن ڏانهن وڃي نه ٿيون سگهن. ڳوٺن جي رهواسين محمد علي ٻرڙو، شمن علي ٻرڙو، ولي داد ٻرڙو، خالد لغاري، محمد اسلم لغاري، ڪاظم شاهه، وقار شاهه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڳوٺن مان پاڻي نيڪاس نه ٿيڻ جي ڪري ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميه کي پاڻي هيٺ آيل اسڪولن مان پاڻي ڪڍائڻ واري عمل کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٻارڙن جي تعليم بحال ٿي سگهي.پي ڊي ايم اي به ڪي اين شاهه جي رهواسين جي سار لهڻ ڇڏي ڏني،پاڪستان ڊزازسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پڻ پنهنجو سمورو نيٽ ورڪ ڪلوز ڪري ڇڏيو،پي ڊي ايم اي جي ڪا ڪئمپ يا آفيس نظر نه آئي، رابطي باوجود ڪنهن به نمائندي سان رابطو نه ٿي سگهيو،ڪي اين شاهه: خيرپور ناٿن شاهه جي برسات ٻوڏ متاثرن جي جتي حڪومت واهر ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، اتي پاڪستان ڊزازسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پڻ پنهنجو سمورو نيٽ ورڪ ڪلوز ڪري ڇڏيو آهي. سروي دوران خيرپور ناٿن شاهه ۾ پي ڊي ايم اي جي ڪٿي به ڪا ڪئمپ يا آفيس نظر نه آئي ۽ جڏهن رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪنهن به نمائندي وٽان ڪو به رسپانس نه آيو

پنھنجي راءِ لکو