ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نئين سال جي شروعات ٿي وئي، وڏي انگ ۾ شهري جشن ملهائيندا روڊن تي نڪري آيا.
نئين سال شروع ٿيڻ تي ڪراچي، اسلام آباد، روهڙي سميت مختلف شهرن ۾ شاندار آتشبازي ۽ هوائي فائرنگ به ڪئي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ سبب 2 عورتن سميت 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته لياقت آباد جي علائقي ۾ 3، گلشن اقبال چورنگي جي ڀرسان هڪ شخص زخمي ٿي پيو، انهي کان علاوه شاهه فيصل ڪالوني ۽ اورنگي ٽائون ۾ گولي لڳڻ سبب عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا
پوليس مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪندي 30 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ياد رهي ته ڪراچي پوليس عوام کي خبردار ڪندي چيو هو ته نئين سال جي موقعي تي فائرنگ ڪندڙن مٿان قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.