راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت علي امين گنڊاپور جي حسن ابدال ۾ داخل ڪيسز ۾ جاري گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا. علي امين گنڊاپور جي وڪيل محمد فيصل ملڪ طرفان گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته پشاور هاءِ ڪورٽ علي امين گنڊاپور جي سمورن ڪيسز ۾ ضمانت منظور ڪئي آهي. علي امين گنڊاپور جي وڪيل پشاور هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو جنهن کان پوءِ عدالت علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا. دهشتگردي جي انت واري عدالت علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي به ملتوي ڪري ڇڏي.