دفاع واري وزير خواجه آصف انڪشاف ڪيو آهي ته افغان حڪومت پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي افغانستان ۾ رهائش جي لاءِ 10 ارب روپيه گهريا هئا، مون انهن کي چيو ته اوهان گارنٽي ڏيو ته ٽي ٽي پي واپس نه ايندي جنهن تي هو خاموش ٿي ويا. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪستان جي دفاع کي اندروني خطرا آهن، اسان ٻاهر جي خطرن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا، انهي جي لاءِ اسان پوري طرح تيار آهيون. دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته دهشتگردي جو وڏو سبب اهي ماڻهو آهن جيڪي دهشتگردن کي آڻي پاڻ وٽ ترسائيندا هئا، مان اسيمبلي ۾ هئس، جڏهن بريفنگ ڏني وئي ته انهن کي ترسائڻ جو فيصلو بهتر آهي، پي ٽي آءِ باني جو بيان هو ته 40 کان 45 هزار ماڻهو ايندا، هاڻ اهي ماڻهو خيبرپختونخواهه ۾ ويٺل آهن. خواجه آصف چيو ته پي ڊي ايم حڪومت بنجڻ کان پوءِ مان افغانستان ويو هئس، افغان طالبان جي دفاع واري وزير ۽ ٻئي قيادت سان ملاقات ٿي هئي، مون انهن کي چيو هو ته دهشتگردن کي نه روڪيو ويو ته اسان مجبور ٿي وينداسين پوءِ ڏوراپا نه ڏجو، هو 10 ارب روپيه گهري رهيا هئا ته ٽي ٽي پي جي ماڻهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪنداسين، جنهن وقت مان افغانستان ويو هئس انهي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪوبه سيز فائر نه هو. هن چيو ته فلسطينين جي قتل عام ۾ ملوث ماڻهن کي اسان تي تنقيد جو حق نه آهي، سموري دٻاءُ جي باوجود اسان ايٽمي طاقت به بڻجي وياسين ۽ ميزائل به ٺاهيا، ڳالهيون ڪريو، پر دفاعي ٺڪاڻن تي حملي کي ڪيئن برداشت ڪري سگهون ٿا؟ هي اسان کي ڀلي ٽارگيٽ ڪن، پ پ کي ٽارگيٽ ڪن پر ملڪ کي ٽارگيٽ نه ڪن، اسان جيڪي غلطيون ضياءَ جي دور ۾ ڪيون انهي جون معافيون به گهريون، اسان رياست جي گريبان تي هٿ ناهي وڌو جيڪو 9 مئي ۽ 26 تي وڌو ويو.