19 ماڻهن لاءِ معافي جو اعلان وڏي اڳڀرائي نٿو سمجهان: بيرسٽر گوهر

پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته مان 19 ماڻهن جي لاءِ معافي جي اعلان کي ڪابه وڏي اڳڀرائي نٿو سمجهان. پارليامينٽ هائوس پهچڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته بنيادي طور تي 67 ماڻهو هئا جن مان صرف 19 ماڻهن کي معافي ملي آهي، 48 ماڻهن اپيلون داخل ڪيون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به سويلين جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ نٿو ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ انهي حوالي سان طئي ڪري چڪي آهي، اسان اڄ حڪومت سان ڳالهين ۾ پنهنجا مطالبا پيش ڪنداسين، سموريون پارٽيون ملي عوام ۽ ملڪ جي وسيع مفادن لاءِ گڏ ويهن، ملڪ جي بهتري لاءِ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ گهرجن.