ڪراچي: ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن جي لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. نئين سال جي موقعي تي ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ٻيل سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ڊويزن ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ اها پابندي قلم 144 جي تحت لڳائي وئي آهي،نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته نئين سال جي موقعي تي فائر ڪريڪرز، هوائي فائرنگ ۽ هٿيارن جي نمائش تي به پابندي هوندي. ڊپٽي ڪمشنرز کي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي،
