پاڪستان آءِ ايم ايف جا مقرر ڪيل اهم ٽيڪس هدف حاصل ڪري ورتا

تفصيلن موجب، پاڪستان آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي تحت اهم ٽيڪس هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي۔ رپورٽن مطابق، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 10.8 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال لاءِ مقرر هدف 10.6 سيڪڙو هو۔ مالي سال جي پهرين ڇهين مهينن دوران ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح گذريل چار سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي۔ ٽيڪس وصولين ۾ 6009 ارب رپين جي هدف جو 94 سيڪڙو پورا ٿي چڪو آهي۔ اهم انگ اکر: جولاءِ کان ڊسمبر دوران ٽيڪس وصوليون 5624 ارب رپيا رهيون۔ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٽيڪس وصولين ۾ 26 سيڪڙو ۽ ڊسمبر ۾ 35 سيڪڙو واڌ ٿي۔ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 2827 ارب رپيا، ڪسٽمز ڊيوٽي ۾ 617.3 ارب رپيا، ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 346.6 ارب رپيا وصول ڪيا ويا۔ سيلز ٽيڪس وصوليون 2105 ارب رپيا رڪارڊ ڪيون ويون۔ ايف بي آر اختيارين ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف به ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ۾ ٿيل ترقي تي مطمئن آهي ۽ اضافي ٽيڪس قدمن جي فوري ضرورت ناهي۔ هن مالي سال جي مجموعي ٽيڪس وصولين جو هدف 12 هزار 970 ارب رپيا آهي، جنهن کي پورا ڪرڻ لاءِ جنوري کان جون تائين 7346 ارب رپيا گڏ ڪرڻا پوندا۔ حڪام وڌيڪ ٻڌايو ته جولاءِ کان ڊسمبر دوران 70 ارب رپيا ٽيڪس ريفنڊز جاري ڪيا ويا۔ ان اڳڀرائي سان، منظم طريقي سان ٽيڪس وصولين کي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي۔