بخشاپور :ڳوٺ حملو جکراڻي ۾ مبينا ڪارنهن الزام ۾ قتل . بخش جکراڻي

بخشاپور: ويجهو هڪ هفتو اڳ ڳوٺ حملو جکراڻي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل اڌڙوت ڳوٺاڻي ڌڻي بخش جکراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء وارثن الله ڏوايو,مٺو,شاهڏنو,موندر,ساجد جکراڻي جو چوڻ هو ته هڪ هفتو اڳ,جوابدر ڪرمان,باجو,عبدالستار,اعظم دين, گهر پنهنجي اڳيان اڳيان ويٺل ڌڻي بخش کي ناحق ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهيو آهي,هنن چيو ته جوابدار ڪافي وقت کان زمين مٿان قبضو ڪرڻ لاء ڌمڪائيندو رهندو هو,هنن چيو ته بخشاپور پوليس هڪ هفتو گذرڻ باوجود به جوابدارن کي گرفتار ڪون ڪري سگهي ۽ نه وري جوابدارن جي گرفتاري لاء گهرن مٿان چڙھائي ڪئي آهي هنن چيو ته پوليس جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آهي وقت به موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن آء جي سنڌ ڊي آء ج لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪندي چيو ته ڌڻي بخش جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

پنھنجي راءِ لکو