حيدرآباد: حيدرآباد پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ عقيل ابراهيم وڊيموڪريٽڪ پينل جي ڪاميابي تي بلاول ڀٽو، شرجيل ميمڻ، سعيد غني ۽ سسئي پليجو پاران مبارڪباد

حيدرآباد: حيدرآباد پريس ڪلب جي سالياني چونڊن 2023 ۾ عقيل ابراهيم وڊيموڪريٽڪ پينل جي ڪاميابي تي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي نالي تي پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر لالا رحمان سمون ۽ سيڪريٽري حميدالرحمان کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد پريس ڪلب اظهار جي آزادي، ۽ جمهوريت جي جدوجهد ۾ هميشه اڳيان وڌي حصو ورتو آهي. اسان کي حيدرآباد پريس ڪلب جي ان شاندار ماضي ۽ تاريخ تي هميشه فخر رهندو. اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار حيدرآباد پريس ڪلب جون سموريون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائيندا،ٻئي پاسي سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدرآباد پريس ڪلب جي سالياني چونڊن 2023 ۾ عقيل ابراهيم، ڊيموڪريٽڪ پينل کي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر لالا رحمان، سيڪريٽري حميدالرحمان، نائب صدر ساجد خانزاده، جوائنٽ سيڪريٽري سردار احمد شيخ، خزانچي فهيم ٻٻر کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان سان گڏ سينئر صحافي علي حسن، خالد کوکر، محمد حسن خان، الطاف ڪوٽي، هارون آرائين، اقبال ملاح، جئي پرڪاش، ارشاد چنه، فاضل چنه کي پريس ڪلب جي مجلس عامله جو ميمبر چونڊجڻ تي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حيدرآباد پريس ڪلب سنڌ جو ٻيو وڏو پريس ڪلب آهي. حيدرآباد پريس ڪلب صحافت ۾ اهم خدمتون انجام ڏنيون آهن. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي. سنڌ حڪومت پريس ڪلبن ۾ وڌ کان وڌ سهولتن جي بهتري لاءِ تعاون جاري رکندي،صوبائي وزير سعيد غني طرفان به حيدرآباد پريس ڪلب جي نئين چونڊيل ڪابينه کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. سعيد غني چيو ته حيدرآباد پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر لالا رحمان سمون، جنرل سيڪريٽري حميدالرحمان، نائب صدر ساجد خانزاده، جوائنٽ سيڪريٽري سردار احمد، خزانچي فهيم ٻبر کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. نئين چونڊيل مجلس عامله جي ميمبرن علي حسن، الطاف ڪوٽي، محمد حسن، خالد کوکر، هارون آرائين، اقبال ملاح، جئي پرڪاش، فاضل چنه، ارشاد چنه ۽ ڪاشف خان کي به ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حيدرآباد پريس ڪلب جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي هن پريس ڪلب هميشه ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. حيدرآباد پريس ڪلب صحافين جي فلاح، بهبود ۽ کين پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ به ماضي جيان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته نئين ايندڙ ڪابينه به ان تسلسل کي برقرار رکندي. پاڪستان پيپلز پارٽي هن ملڪ جي واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي منشور ۾ صحافين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن. پيپلز پارٽي هميشه صحافين سان ٿيندڙ زيادتين خاص طور تي آمرانه دور ۾ به آواز اٿاريو
سُڌ سماءُ جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ۽ پ پ اڳواڻ سسئي پليجو حيدرآباد پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ عقيل ابراهيم وڊيمو ڪريٽڪ پينل جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته نئين چونڊيل صدر لالا رحمان، سيڪريٽري حميدالرحمان، نائب صدر ساجد خانزاده، جوائنٽ سيڪريٽري سردار احمد شيخ، خزانچي فهيم ٻٻر، علي حسن، خالد کوکر، محمد حسن خان، الطاف ڪوٽي، هارون آرائين، اقبال ملاح، جئي پرڪاش، ارشاد نه، فاضل چنه کي پريس ڪلب جي مجلسه عامله جو ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. هن چيو ته سمورا ميمبر سلجهيل ذهن جا مالڪ ۽ آزاد صحافت جي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهن. حيدرآباد پريس ڪلب سنڌ جو ٻيون نمبر وڏو پريس ڪلب آهي. حيدرآباد پريس ڪلب صحافت جي دنيا ۾ ڪيتريون ئي روايتون متعارف ڪرايون آهن. سسئي پليجو چيو ته حيدرآباد پريس ڪلب جو انساني حقن جي حوالي سان متحرڪ ڪردار رهيو آهي. آزاد صحافت جي پاسداري اظهار جي آزادي کي وڌيڪ مستحڪم بنائي سگهي ٿي،

پنھنجي راءِ لکو