سکر پريس ڪلب۔سيفما چيپٽر۔سکر يونين ۔ڪورٽ رپورٽرز ۽ فوٽو جرنلسٽس جي چونڊن ۾ بنامقابلي ڪامياب عهديدارن جو گروپ فوٽو

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) سکر پريس ڪلب، يونين آف جرنلسٽ، ڪورٽ رپورٽر ايسوسئيشن ۽ سيفما چيپٽرسکر جون سالياني چونڊون، اليڪشن ڪميٽي طرفان نتيجن جو اعلان، پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ جي قيادت ھيٺ جرنلسٽس پئنل جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب. سکر پريس ڪلب جي سالياني چونڊ ۾ صدر چوڌري محمد ارشاد، نائب صدر لالا شھباز، نائب صدر سليم اختر سھتو، جنرل سيڪريٽري شھزاد تاباني، جوائنٽ سيڪريٽري شاھد چنا، جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز ڇڃڻ، فنانس سيڪريٽري سحرش کوکر، پريس سيڪريٽري ڪامران شيخ، آفيس سيڪريٽري بخش علي ڦلپوٽو، جڏھن تہ ايگزيڪيٽوَ ڪاميٽي ميمبرن ۾ لالا اسد پٺاڻ، نصر اللھ وسير، آصف ظھير لوڌھي، جميل مغل، زمان باجوا، شوڪت نوناري، ياسر فاروقي، جلال الدين ڀيو، مجيب ورند، ڪرن مرزا، عبدالحميد ڪنبوھ، نديم سرڪي، انس گھانگھرو، فرقان کوسو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. اھڙي طرح سکر يونين آف جرنلسٽس جي سالياني چونڊن ۾ صدر امداد بوزدار، نائب صدر خالد ٻانڀڻ، نائب صدر نادر خان، جنرل سيڪريٽري احقر شاھ رضوي، جوائنٽ سيڪريٽري جواد شاھ، جوائنٽ سيڪريٽري مبين خان، فنانس سيڪريٽري ڪاشف ڦلپوٽو، پريس سيڪريٽري فاروق سومرو، آفيس سيڪريٽري ديدار انڙ ۽ ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ حسيب شيخ، وسيم شمسي، رياض راجپوت، اظھر دايو، جميل سومرو، فريد سومرو، علي ڏنو شاھ، جميل ساگر گھانگھرو، شڪيل عاجز، اونگزيب ماڪو، سيرت آسيا بلوچ، سجاد پاشا، اسحاق کوسو، بسما وسيم شمسي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا. ساڳي ريت ڪورٽ رپورٽر ايسوسئيشن جي سيالياني چونڊ ۾ صدر سليم سھتو، نائب صدر شفيع محمد ابڙو، نائب صدر انس گھانگھرو، جنرل سيڪريٽري مورڙو مھر، جوائنٽ سيڪريٽري سجاد شاھ، جوائنٽ سيڪريٽري غفور شيخ، فنانس سيڪريٽري فاروق سومرو، پريس سيڪريٽري ناصر عباس ۽ آفيس سيڪريٽري اشفاق کوسو، ايگزيڪيٽو ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ خالد ٻانڀڻ، امداد بوزدار، گلزار شاھ، طفيل وسطڙو، محمد علي سولنگي، رزاق سولنگي جي سامھون ڪنھن به اميدوار طرفان فارم نه ڀرڻ تي اليڪشن ڪميٽي طرفان مٿي ڄاڻايل سمورن اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ھوڏانھن سيفما سکر چيپٽر جي سالياني چونڊن ۾ صدر صلاح الدين قريشي، نائب صدر عبدالله شيخ، نائب صدر مسعود الحسن زيدي، جنرل سيڪريٽري فيصل آرائين، جوائنٽ سيڪريٽري اياز مغل، جوائنٽ سيڪريٽري ملڪ عمران شاھد، فنانس سيڪريٽري دانش زيدي، پريس سيڪريٽري يار محمد سومرو ۽ آفيس سيڪريٽري محمد خالد امجد کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ٻئي طرف سربراھ جرنلسٽس پئنل سکر لالا اسد پٺاڻ سال 2023ع جي سالياني چونڊن ۾ بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ عھديدارن توڙي ايگزيڪيٽوَ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن مبارڪباد ڏيندي اميد ظاھر ڪئي آھي تہ ھو پنھنجون ذميواريون بھترين نموني اسان ادا ڪندي پنھنجي قلم جي مزدور ساٿين سميت شھرين، صوبي ۽ ملڪ جي ھر ڪمزور طبقي جي ماڻھن جو آواز بڻجڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن.

پنھنجي راءِ لکو