اسلام آباد: وفاقي حڪومت 15 جنوري تائين پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،پنهنجي وڊيو بيان ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊارچيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري اماڻي هئي پر وزيراعظم جي هدايت تي قيمتون برقرار رکيون ويون آهن وفاقي وزير چيو ته 15 جنوري تائين پيٽرول جي قيمت 214 روپيه 80 پئسا، ڊيزل 228 روپيه 80 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت 171 روپيه 83 پئسا في ليٽر برقرار رهندي پاڪستان ۾ ڊالر جي قدر عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن کي سامهون رکندي فيصلو ٿيندو آهي ۽ هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل 15 ڏينهن جي نسبت قيمتن ۾ 3 ڊالر في بيرل تائين اضافو ٿيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون 77 ڊالر کان وڌي 80 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويون آهن. پاڪستان ۾ هن وقت پيٽرول جي ريفائنري قيمت 149 روپيه في ليٽر آهي ملڪ ۾ پيٽرول تي 50 روپيه ليوي وصول ڪئي پئي وڃي ۽ 14 روپيه مارجن سميت ٻيا ٽيڪس به شامل آهن. جنهن کان پوءِ پيٽرول جي قيمت 214 روپيه 80 پئسا في ليٽر بڻجي ٿي ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت 187 روپيه في ليٽر آهي ۽ ان تي 30 روپيه ليوي وصول ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته 10 روپيه ٻيا چارجز وصول ڪيا پيا وڃن ۽ ڊيزل جي قيمت 227 روپيه 80 پئسا في ليٽر آهي
