سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کان ڪچي آبادي بابت پاليسي رپورٽ 2 هفتن ۾ طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪچي آبادي ڪيس ۾ وفاقي حڪومت کان ڪچي  آبادي بابت پاليسي رپورٽ 2 هفتن ۾ طلب ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان چيو ته ڪچي آبادي کي ريگوليٽ ڪرڻ جو اختيار صوبن ۽ لوڪل گورنمنٽ جو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته صوبائي اختيار تي وفاقي حڪومت ڪهڙي قانونسازي ڪري سگهي ٿي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پهريان ته اهو ٻڌايو وڃي ته ڪچي آبادي ڇا هوندي آهي، بلوچستان ۾ ته سمورا گهر ڪچا آهن. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته قبضه گروپ ندي نالن جي ڪناري ڪچي آبادي ٺاهي وٺندا آهن، عوامي سهوليتن جي پلاٽ تي ڪچي آبادي گهر ٺهي ويندا آهن، حڪومت ڪچي آبادي کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن. سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته سڀني کان پهريان ته ڪچي آبادي جي تعريف طئي ڪئي وڃي، سي ڊي اي 10 ڪچي آبادي کي نوٽيفاءِ ڪري رکيو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته انهي ڪچي آبادي کان علاوه ڪو ٻيو قبضو آهي ته ڪارروائي ڪريو، غير قانوني قبضو ڇڏرائڻ جي لاءِ قانون موجود آهي. سي ڊي جي وڪيل چيو ته عدالت قبضو ڇڏرائڻ جي خلاف حڪم امتناع ڏئي رکيو آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته حڪم امتناع آهي ته عدالت  مان انهي کي ختم ڪرايو، حددخلين جا ڪيس داخل داخل ڪيا ويندا آهن. حددخلين جي تعمير ۾ اداري جا ماڻهو به ملوث هوندا آهن، سڀني کان پهريان ننڍو هوٽل ٺهندو آهي پوءِ اتي آهستي آهستي آبادي بڻجي ويندي آهي.