صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪري ورتا

صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪري ورتا آهن. ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس 13 جنوري سومر ڏينهن شام جو 5 وڳي ۽ سينيٽ جو اجلاس 14 جنوري اڱاري جي شام 4 وڳي طلب ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق 1 جي تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي طلب ڪيا. قومي اسيمبلي جو موجوده اجلاس 16هين قومي اسيمبلي جو 12هون اجلاس هوندو.