سکر:يونين ڪائونسل ڏيپارجا جي متاثر حاجي مير محمد ٻانڀڻ،شھمير جانوري،پيروھيل،امام بخش عامر،مانجھي بڙدي ڳوٺن جي رھواسين جو خيرپور ضلعي ٺري مير واھ انتظاميه خلاف سخت احتجاج

سکر( بيورورپورٽ ) يونين ڪائونسل ڏيپارجا جي متاثر حاجي مير محمد ٻانڀڻ،شھمير جانوري،پيروھيل،امام بخش عامر،مانجھي بڙدي ڳوٺن جي رھواسين جو خيرپور ضلعي ٺري مير واھ انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪندي زوردار نعري بازي ڪئي وئي.احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن نجم الدين ٻانڀڻ ،عابد حسين ،شھميرجانوري ارشاد حسين ،ڊاڪٽر نذير احمد ٻانڀڻ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته اسان جا ڳوٺ ،گھر فصل زمينون برساتي ٻوڏ سبب پھريان ئي ٻڏل آھن.سوين خاندان بي گھر لڳا پيا آھن کلي آسمان ھيٺ ٿڌ ۾ پيا گذارين ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھن وقت به گھرن زمينن ۾ پنج کان اٺ فوٽ پاڻي بيٺل آھي.اھو ته نيڪال نه ڪرايو آھي الٽو انتظاميه علي بحر واھ ذريعي 18فوٽن کان وڌيڪ نئون پاڻي ڇڏڻ جي لاء پلاننگ ڪئي آآھي جيڪڏھن نئون پاڻي ڇڏيو ويو ته گھر ڳوٺ ھميشه جي لاء مٽجي ويندا.چتاء ڏنو آھي ته جيڪڏھن نئون پاڻي ڇڏيو ويو ته ان خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.جنھن جي ذميوار خير پور ضلعي جي انتظاميه ھوندي.ھنن وس وارن کان گھر ڪئي آھي ته اسان جي علائقن ڳوٺن کي وڌيڪ تباھ ٿيڻ کان بچائي اھڙيون سازشون ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

پنھنجي راءِ لکو