سکر: هندو سنگت جي صدر رنجيت ڪمار سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/سکر هندو سنگت جي صدر رنجيت ڪمار سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هندو پنچائت جون چونڊون 27 جنوري تي ٿيڻيون آهن، انهن کي روڪڻ لاءِ ستي وان داس ۽ ديوان چند چاولا سازشون ڪري رهيا آهن، رنجيت ڪمار چيو ته عرفان کوسو کي منهنجي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، منهنجي ساڻس ڪا به مخالفت ناهي، هن چيو ته اڳوڻو ايم پي اي ديوان چند چاولا ستي وان داس جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ عرفان کوسو، ستي وان ۽ ٻين مون تي حملو ڪري منهنجي ٻانهن ڀڃي ڇڏي ان باوجود مقامي پوليس ڪيس داخل نه ڪري رهي هئي، پر ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي سنگهار ملڪ جي مهربانيءَ سان جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، پر اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، هاڻي مون کي وڌيڪ حملن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، مخالف منهنجي خلاف ڪوڙا ڊراما رچائي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته منهنجي جان کي خطرو آهي، اسان غير محفوظ آهيون، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو