گورنر خيبرپختونخواهه جي آصفه ڀٽو سان ملاقات، پوليو جي خاتمي بابت ڳالهيون

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان جي عورت اول، قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پوليو جي خاتمي جي سفير آصفه ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي مسئلن، امن امان جي صورتحال ۽ خاص طور تي پوليو جي خاتمي بابت ڳالهيون ڪيون ويون، ضلعي ۾ عوامي مسئلن جي حل ۾ صوبائي حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ تي ڏک جو پڻ اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران خاص طور تي پوليو جي وڌندڙ ڪيسز کي روڪڻ جي لاءِ گورنر هائوس جي نگراني هيٺ مختلف حڪمت عمليون طئي ڪرڻ جي تجويزن تي به غور ڪيو ويو. انهي موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري بي بي شهيد جي وزن موجب گورنر هائوس پشاور ۾ وومين امپاورمينٽ، يوٿ انگيجنٽ ۽ بين المذاهب  المسالڪ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻڻ تي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ڪاوشن جي تعريف پڻ ڪئي.