مريم نواز جو زرعي ۽ صنعتي انقلاب وارو خواب تيزي سان حقيقت بڻجي رهيو آهي: مريم اورنگزيب

پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو زرعي، صنعتي انقلاب جو خواب تيزي سان حقيقت بڻجي رهيو آهي. پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ زراعت، توانائي، صنعت جي وزارتن ۽ ضم ٿيل کاتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب ۾ زراعت، شمسي توانائي ۽ صنعتي انقلاب جي لاءِ فيصلا ڪيا، جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان 28 فيبروري  تائين 10 هزار ٽريڪٽر هارين کي ڏيڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. مريم نواز مارچ تائين وڌيڪ 2 سپر سيڊرز رعايتي قيمت تي هارين کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته سمورن کاتن کي 7 مهينن دوران پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان شروع ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ مريم نواز جي مفت شمسي توانائي اسڪيم ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي منصوبي کي جون تائين مڪمل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. شمسي توانائي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ 6 ارب روپين جا اضافي فنڊ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته گند ڪچري سان بجلي ٺاهڻ جي فنڊز جي قيام جو عمل مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. مريم اورنگزيب چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي زراعت، توانائي ۽ صنعت جي ترقي مريم نواز جو ايجنڊا آهي، پنجاب ۾ مريم نواز جو زرعي ۽ صنعتي انقلاب جو خواب تيزي سان حقيقت بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته هارين جي خوشحالي پنجاب ۽ پاڪستان جي خوشحالي جو بنياد آهي.