عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ٽيون ڀيرو ملتوي

 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف داخل ريفرنس جو فيصلو ٽيون ڀيرو ملتوي ٿي ويو. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف 190 ملين پائونڊ جو فيصلو اڊيالا جيل ۾ ٻڌائڻو هو. جج ناصر جاويد رانا چيو هو ته مان صبح ساڍي 8 وڳي کان عدالت ۾ موجود آهيان، پي ٽي آءِ باني کي ٻيهر پيغام اماڻيو پر هو نه آيو ۽ نه ئي بشريٰ بي بي يا انهن جي وڪيلن جي طرفان ڪو پيش ٿيو. عمران خان طرفان چيو ويو ته جيستائين منهنجي گهر ڀاتين يا وڪيلن مان ڪو نٿو اچي مان عدالت جي ڪمري ۾ نه ايندس. جج ناصر جاويد رانا چيو ته مان 2 ڪلاڪن کان عدالت جي ڪمري ۾ انتظار ڪري رهيو آهيان پر ڪوبه نه آيو، فيصلو ٻڌائڻ جي لاءِ جوابدارن کي هڪ ٻيو موقعو ڏئي رهيو آهيان، هاڻ ڪيس جو فيصلو 17 جنوري تي ٻڌايو ويندو. ياد رهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس تي احتساب عدالت فيصلو 18 ڊسمبر 2024 تي محفوظ ڪيو هو. احتساب عدالت فيصلو ٻڌائڻ لاءِ پهريان 23 ڊسمبر ۽ انهي کان پوءِ 6 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، ٻيهر فيصلو ٻڌائڻ جي لاءِ 13 جنوري جي تاريخ ڏني وئي هئي.