190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي ٿيڻ ڪنهن به ڊيل جو نتيجو نه آهي: بيرسٽر گوهر

پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو نه اچڻ ڪنهن به ڊيل جو نتيجو نه آهي. اڊيالا جيل جي ٻاهران سلمان اڪرم راجه سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني القادر يونيورسٽي جو مالڪ نه صرف ٽرسٽي آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته  القادر ڪيس سياسي طور تي ٺاهيو ويو، اسان سان مسلسل ناانصافيون ٿي رهيون آهن، پي ٽي آءِ باني تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ بشريٰ بي بي جو نالو به القادر ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ڪيسز جي پرواهه نه آهي، اسان فيصلو ٻڌڻ جي لاءِ اڄ عدالت آيا هئاسين، پي ٽي آءِ باني کي جيل کان ڪورٽ تائين آڻڻ جيل انتظاميه جو ڪم هو. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو آهي ته اسان کي فيصلي جو وقت 11 وڳي جو ڏنو ويو هو ۽ اسان انهي حساب سان آيا هئاسين، اسان کي اعليٰ عدليه مان اميد آهي، اسان اعليٰ عدالت ۾ وينداسين، جهڙي طرح ٻيا ڪيسز ختم ٿيا هي ڪيس به ختم ٿي ويندو. انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي سلمان اڪرم راجه چيو آهي ته ڳالهين جو عمل جاري آهي، ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته  ڳالهين جو ٽيون دور 15 جنوري تي ٿيندو. اسان ڊيل نه ڪري رهيا آهيون ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انصاف جي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڳالهين ۽ هن ڪيس جو پاڻ ۾ ڪنهن به قسم جو تعلق نه آهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڊيل ٿي رهي آهي، اسان جي ڪابه ڊيل نه ٿي رهي آهي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو اڄ صبح 11 وڳي ٻڌائڻو هو جيڪو هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي، عدالت فيصلو ٻڌائڻ جي نئين تاريخ 17 جنوري ڏئي ڇڏي آهي.