بهاوالپور ۾ قومي شاهراهه تي ڪوهيڙي سبب ٽريلر جي ڪار کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. حادثو اڊهه مسافر خاني جي ڀرسان پيش آيو، حادثي کان پوءِ ٽريلر ڪار تي ڪلٽي ٿي ويو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف موٽر وي ايم 4 خانيوال کان ملتان تائين جڏهن ته موٽر وي ايم 5 کي ملتان کان رڪن پور تائين ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو آهي. موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر ويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر کي يقيني بنائڻ لاءِ بند ڪيو ويندو آهي صبح 10 کان شام 6 وڳي تائين ڪوهيڙي جي موسم ۾ بهترين سفر جو ٽائيم آهي.