پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ته ملڪ جي تقدير تبديل ٿي ويندي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڍائي مهينن جي گهٽ وقت ۾ 100 گهر تيار ٿي چڪا آهن ۽ اهي گهر انهن ماڻهن کي ملندا جيڪي هنن جا حقدار هئا، جڏهن ته تيار ٿيل گهرن ۾ سولر سسٽم لڳل آهي ته جيئن غريب ماڻهن کي بل ادا نه ڪرڻو پوي. هن چيو ته جڏهن به ايٽمي ڌماڪا، موٽرويز ۽ بجلي جون ڳالهيون ٿينديون آهن ته نوازشريف جو ذڪر ٿيندو آهي، ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ملڪ جي ترقي جو ذڪر ٿيندو آهي ته اتي به نوازشريف جو نالو ايندو آهي. نواز شريف جي سياست خدمت جي سياست آهي. مريم نواز چيو ته هائوسنگ اسڪيم ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي گهر ملي رهيا آهن اسان نوازشريف جي ويزن ۽ خوابن کي پورو ڪري رهيا آهيون، هي هائوسنگ اسڪيم گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ آهي. هن چيو ته هلندڙ سال هڪ لک ماڻهن کي پنهنجو گهر ملي ويندو ۽ 5 سالن جي اندر 5 لک مستحق خاندانن کي گهر ٺاهي ڏينداسين، مستحقين کي ملندڙ گهر انهن جي پنهنجي ملڪيت آهن، مستحقين کان اهي گهر ڪير به واپس نٿو وٺي سگهي. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته هائوسنگ منصوبي جي لاءِ قرض جون آسان قسطون رکيون ويون آهن ۽ گهرن جي تعمير لاءِ 3 مرلا پلاٽ ڏيڻ جو منصوبو به ٺاهي رهيا آهيون. هن وقت پنجاب جي سمورن 37 ضلعن ۾ هزارين گهر تعمير هيٺ آهن. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ هر منصوبي تي نوازشريف جي مهر لڳل آهي ۽ اسان نوازشريف جي سپاهين جيان ڪم ڪري رهيا آهيون، پنجاب جي عوام کي خبر آهي ته جيڪا اسڪيم نوازشريف آڻيندو اها پوري ٿيندي، پنجاب جي عوام اسان جي حڪومت تي ڀروسي جو اظهار ڪيو آهي. مريم نواز چيو ته هر اسڪيم جي لاءِ لکين درخواستون ملي رهيون آهن، جڏهن ته مستحق ۽ نادرا ماڻهن جي لاءِ مفت زمين ڏيڻ جي به اسڪيم آڻي رهيا آهيون، پنجاب ۾ هن وقت 400 روڊ ٺهي رهيا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي ٻارن جو به پنجاب ۾ علاج ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 38 کان گهٽ ٿي 4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هاڻ جيڪڏهن حڪومت 5 سال مڪمل ڪيا ته ملڪ جي تقدير بدلجي ويندي.