ڪنڌڪوٽ ؛غوثپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ عبدالرسول ڏاھاڻي ۾ ڏاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾جھيڙو

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ،غوثپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ عبدالرسول ڏاھاڻي ۾ ڏاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ زمين جي پلاٽ جي مالڪي ۽ رستي نه ڏيڻ تان جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران ڪھاڙيون لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا ھڪ عورت سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا،زخمين ۾ عورت مائي گلناز، فيرخ۔ گل حسن۔ عبدالغني ۽ سليمان ڏاھاڻي شامل آھن۔ زخمي فيرخ ڏاھاڻي صحافين کي ٻڌايو ته عبدالرسول ڏاھاڻي واري ڌر سان اسانجو زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي۔ ھو اسانکي ڌمڪيون ڏيندو رھي ٿو ته پنھنجي زمين تان منھنجي مائٽ غوث بخش ڏاھاڻي کي رستو ڏيو نه ڏيڻ جي صورت ۾ توھانکي لڏڻو پوندو جڏھين ته اسان ان زمين تي ٽيھن سالن کان آباد آھيون۔ عبدالرسول جي ڌر جي ڏھن ماڻھن لٺين ۽ ڪھاڙين سان اسان مٿان گھر ۾ حملو ڪيو جنھن۾ اسانجي ھڪ عورت سميت چار ڄڻه سخت زخمي ٿي پيا آھن جن کي اسان کڻائي سرڪاري اسپتال آندو آھي جٿي موڪل ھئڻ سبب اسانکي عملي لاڙڪاڻي اسپتال موڪلڻ جو بندوبست ڪيو آھي۔ ٻئي پاسي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻئي ڌريون زمين جي پلاٽ معاملي تان وڙھيل آھن۔ اڄ ٻنھي ڌرين جي جھيڙي ۾ پنج ماڻھو زخمي ٿيا آھن۔ پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي

پنھنجي راءِ لکو