سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته القادر ڪيس جو فيصلو اڄ ٻيهر نه ٻڌايو ويو، اهو ڪيس ڪوڙو آهي، هي چئي رهيا آهن ته عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، عمران خان ته جيل ۾ آهي انهي کي پيش ڪرڻ اوهان جو ڪم هو. تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجه ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته القادر يونيورسٽي عمران خان پنهنجي مديني واري رياست جي نظرئي موجب ٺاهي. مسلمانن جي ذاتي ۽ اسلامي سڃاڻپ جي حوالي سان هن يونيورسٽي کي ٺاهيو ويو. هن چيو ته اسان کي حضور صلي الله عليه وسلم جي زندگي کي سمجهڻ جي لاءِ ڪوبه اهڙو پليٽ فارم گهرجي جنهن ۾ اسان انهي جي زندگي کي پڙهي سگهون. عمران خان انهي سوچ جي تحت اها يونيورسٽي ٺاهي، انهي تي ڪرپشن جو ڪيس ٺاهڻ سان هي ماڻهو دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ جوابده ٿيندا. تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته هن ڪيس ۾ غلط فهمي پکيڙي وئي آهي. برطانيه ۾ ملڪ رياض پراپرٽي خريد ڪئي، اتان جي ادارن ڏٺو ته هن ايتري مهانگي پراپرٽي ڇو خريد ڪئي آهي اهو ڪيس ته اڳيان نه وڌيو. چيو ويو ته رقم واپس پاڪستان کڻي وڃو. سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته اها رقم ملڪ رياض پنهنجي مرضي سان پاڪستان آندي. انهي کي سپريم ڪورٽ ۾ ڪجهه رقم جمع ڪرائڻي هئي اها ڪرائي ڇڏي اهو سڀ ڪجهه پاڪستان جي حڪومت جي مداخلت کان سواءِ ٿيو. اسان جي به صرف اها درخواست هئي ته انهي جو چرچو پاڪستان ۾ نه ٿئي. سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته اهڙين سمورين ڳالهين کي پوئتي رکي رقم عمران خان کي ڏني وئي، انهي رقم مان هڪ پئسو به ناهي نڪتو ۽ اها رقم پاڪستاني حڪومت جي ناڻي ۾ موجود آهي. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف ٺاهيو ويندڙ القادر ٽرسٽ ڪيس ڪوڙو ڪيس آهي. برطانيه جي نيشنل ڪرائم ايجنسي(اين سي اي) هڪ طرف ۽ سپريم ڪورٽ هڪ طرف آهي. اين سي اي 190 ملين پائونڊ برطانيه کان سپريم ڪورٽ ۾ اماڻيا. عمر ايوب چيو ته سپريم ڪورٽ اهي پئسا حڪومت جي ناڻي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. انهي ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ڪوبه ذاتي مفاد حاصل ناهي ڪيو. القادر يونيورسٽي سيرت نبي صلي الله عليه وسلم پڙهائڻ جي لاءِ ٺاهي وئي. عمر ايوب چيو ته فصل واوڊا ۽ خواجه آصف ڪالهه کان شروع ٿي ويا هئا، انهن ڪالهه کان فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ڇا اهي جج آهن؟ انهن وٽ فيصلو ڪٿان کان آيو؟ انهن وٽ لکت ڪٿان کان آئي.