22 ڏينهن گذرڻ باوجود پي ٽي آءِ مطالبا لکت ۾ نه ڏنا آهن: عرفان صديقي

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته 22 ڏينهن گذرڻ جي باوجود پي ٽي آءِ مطالبا لکت ۾ نه ڏنا آهن انهي ۾ اسان جو ڪوبه  ڏوهه نه آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عرفان صديقي چيو ته 23 ڊسمبر تي مطالبا لکت ۾ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر اڄ 22 ڏينهن ٿي ويا پر اڃان تائين لکت ۾ مطالبا نه ملي سگهيا آهن. هن چيو ته 5 ڊسمبر تي ڪميٽي قائم ٿي پر هينئر تائين لکت ۾ مطالبا نه مليا آهن جيڪي هي  مطالبن کي ايترو وڏو وقت گذرڻ باوجود لکت ۾ ناهن ڏئي سگهيا ته انهي ۾ اسان جو ڪوبه ڏوهه نه آهي. 2 مطالبا اسپيڪر کي ڏنا ويا هئا جيڪي اڃان تائين اسان کي ناهن ڏنا ويا. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته جڏهن مطالبا اسان جي سامهون ايندا آهن تڏهن ئي 7 اتحادي پارٽين سان مشاورت ٿيندي. سموريون پارٽيون پنهنجي قيادت سان مطالبن تي مشاورت ڪنديون. اسان کي مطالبا سامهون اچڻ کان پوءِ گڏيل موقف ٺاهڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته خط هڪ ڏينهن آيو ۽ انهي ڏينهن خط جو جواب ڏئي ڇڏيو. وڏا مطالبا آهن ته انهن تي اسان کي مشاورت ڪرڻي پوندي. سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي لاءِ وقت جي ضرورت پوندي. ليگي اڳواڻ چيو ته 31 جنوري جي تلوار لٽڪائي وئي آهي انهي کان اڳ اسان کين جواب ڏئي ڇڏينداسين. ياد رهي ته ڳالهين جي لاءِ حڪومت طرفان ڪميٽي قائم ڪئي وئي. حڪومتي ۽ اپوزيشن ڪميٽين جون 2 گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن. جنهن کان پوءِ حڪومت پي ٽي آءِ کي ٽئين گڏجاڻي کان اڳ پنهنجا مطالبا لکت ۾ ڏيڻ جو چيو هو.