پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته سڀاڻي حڪومت سان ڳالهين جي ٽئين سيشن ۾ اسان پنهنجا مطالبا لکت طور جمع ڪرائينداسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته اڄ جي ڪمپلينٽ هڪ پرائيويٽ ڪمپلينٽ آهي انهي جو طريقيڪار مختلف هوندو آهي. اسان پنهنجن 12 شهيدن ۽ 49 زخمين جو ذڪر ڪيو هو، زخمين مان وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن انهن جو ڊيٽا به عدالت ۾ جمع ڪرائڻو آهي انهي کان پوءِ انهي ڪمپلينٽ تي وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي. بيرسٽر گوهر چيو ته سڀاڻي حڪومت سان اسان جي ڳالهين جو ٽيون سيشن ٿيندو. اسان پنهنجا مطالبا لکت ۾ جمع ڪرائينداسين، حڪومت جيڪڏهن نيڪ نيتي ۽ سنجيدگي سان ويهي ته مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جمهوريت ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته سياسي قيدين کي آزادي ملي ۽ رليف ملي، اميد آهي ته ڳالهين جو عمل جلد مڪمل ٿيندو ۽ ڪا خوشخبري سامهون ايندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي خلاف جيترا به ڪيسز ٺهي سگهيا ٿي اهي ٺاهيا ويا آهن، هو سياسي قيدي آهي انهي کي آزادي ملڻ گهرجي.