دعا آهي پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون کي عزت ملي، بُحران جو نتيجو نڪرندي نظر نه پيو اچي: شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته دعا آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون کي عزت ملي، ملڪ ۾ هلندڙ بُهران جو نتيجو نڪرندي نظر نه پيو اچي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته هن وقت ملڪ ۾ بحران آهي، مون کي نتيجو پاڪستان ۽ عوام جي بهتري لاءِ نڪرندي نظر نه پيو اچي، دعا آهي ته نتيجو پاڪستان ۽ عوام جي بهتري ۾ نڪري. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي توهين ٿي رهي آهي، اسان کي پاڪستان جي عزت صرف ملڪ جي اندر نه پر پاڪستان جي ٻاهر به گهرجي، پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي. اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اڄ ملٽري ڪورٽس سبب اسان جي ڪيسز جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ نه ٿي سگهي، ڪافي وقت کان ڪيسز کي منهن ڏئي رهيو آهيان.