سکر :پاڪستان ميڊيا ڪونسل ضلع سکر جي سالانه باڊي 2023 جا چونڊ ٿي گذري جنھن ۾،پاڪستان ميڊيا ڪونسل ضلع سکر جي سالانه باڊي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد رياض کوکر ، ۽ اورنگزيب ملڪ جي زير نگراني ۾ ٿي گذري جنھن جنھن ۾ فضل الرحمن ڀٽو کي صدر چونڊيو ويو ٻين عھديدارن ۾ سينئر نائب صدر عدنان راجپوت، نائب صدر ماجد محمود، جنرل سيڪريٽري نعيم اختر راجپوت، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري حفيظ الله لغاري، جوائنٽ سيڪريٽري عمير مغل، فنانس سيڪريٽري مشتاق علي گھانگھرو، انفارميشن سيڪريٽري نظير احمد سومرو، پريس سيڪريٽري قمرالدين ميراڻي، آفيس سيڪريٽري ڪامران کوکر، کي پڻ چونڊيو ويو چونڊيل عهديدارن کان حاجي محمد رياض کوکر قسم ورتو قسم کڻڻ واري گڏجاڻيءَ ۾ مھمان خاص سياسي سماجي شخصيت اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ ۽ پاڪستان ميڊيا ڪونسل سنڌ جو
ڪوآرڊينيٽر ھادی بخش، ھئا ٻين مھمانن ۾ ڊاڪٽر سعيد اعواڻ پي ايم سي ڊويزن جي نائب صدر عبدالغفور، محمود خان، علي وسير، دين محمد لاشاري،
مولانا عبدالستار بروھي، سينئر صحافي فريد احمد شيخ، نوجوان صحافي زاھد شيخ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي مهمان خاص چونڊيل عھديدارن کي مبارڪ باد ڏيندي چيو ته پاڪستان ميڊيا ڪونسل ضلع سکر جي باڊي گذريل سال تمام بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري آھي ۽ اڃان به ان ۾ وڌيڪ محنت جي ضرورت آھي پاڪستان ميڊيا ڪونسل جنھن مقصد جي لاء وجود ۾ آئي آھي اوھان کي به ان مقصد تي ھلڻ جي ضرورت آھي ۽ پنھنجي صحافي ڀائرن جي بھتري لاء گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ اوھان جي سڀ کان اولين ترجيح صحافين جي تحفظ ۽ حقن جي حفاظت ھئڻ گھرجي تقريب جي عھديدارن ۽ ميمبرن لاء اورنگزيب ملڪ طرفان لنچ جو خاص انتظام به ڪيو ويو ھو
