راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد جو چوڻ آهي ته ڪپڙا وڪرو ڪندڙ شهباز شريف به اعتراف ڪري رهيو آهي ته سخت معاشي بحران آهي پر اسحاق ڊار اها ڳالهه نٿو سمجهي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪ فوج جا ڪمانڊر به چئي رهيا آهن ته پاڪستان نازڪ موڙ تي پهچي ويو آهي سندس چوڻ آهي ته سياسي، معاشي ۽ سماجي استحڪام قومي سلامتي جو ضامن آهي، اميد آهي ته اڄ ڪو فيصلو ڪيو ويندو شيخ رشيد چيو ته بلاول جي دورن ۾ 2 ارب رپيا لڳايا ويا، 2 ارب رپيا ڪمپني جي پبلسٽي ۾ لڳايا ويا هن چيو ته 77 وزيرن جي فليٽ ۽ آءِ ايم ايف جون شرطون رڳو غريبن لاءِ آهن عوامي مسلم ليگ سربراهه چيو ته حڪمرانن جي دولت پرڏيهي بئنڪن ۾ محفوظ آهي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان تي پي ٽي ايم جو هر ناڪام حملو سندس ئي ڳچيءَ ۾ پئجي رهيو آهي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد جو به چوڻ آهي ته پي ٽي ايم کي به 15 جنوري تي خبر پوندي، ان جو واحد حل چونڊون آهن، ٻي صورت ۾ ڊفالٽ در تي آهي
