سينيٽر فيصل واوڊا جي عمران خان، بشريٰ بي بي جي سزا ۽ پي ٽي آءِ جي حوالي سان سموريون ڳالهيون سچ ثابت ٿي ويون آهن. فيصل واوڊا وڏي وقت کان اها ڳالهه هر ڀيري چئي رهيو هو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو مالي ڪيس هوندو جنهن ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سخت سزا ڏني ويندي. جيڪا بعد ۾ ڏني به وئي. جنهن پي ٽي آءِ ڪابينه مان 190 ملين پائونڊ بابت منظوري ڏياري وئي انهي ڪابينه ۾ فيصل واوڊا انهي وقت وزير هو جڏهن اهو معاملو سامهون آيو ته فيصل واوڊا عمران خان ۽ ڪابينه جي ميمبرن کي چوندو رهيو ته هي کليل ڪرپشن جو ڪيس ثابت ٿيندو ، هن ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ٿيندو ۽ سڀ گرفتار ٿي ويندا. اهو نه ڪريو. پر انهي وقت فيصل واوڊا جي ڪنهن به ڳالهه نه ٻڌي. منظوري کان پوءِ سڀ چپ ٿي ويا پر وقت هڪ جهڙو نه رهيو. پي ٽي آءِ جي اقتدار ختم ٿيڻ کان پوءِ اهو ڪيس شروع ٿي ويو انهي وقت به فيصل واوڊا چيو ته انهي ڪيس ۾ ڪنهن کي به معافي نه ملندي، پي ٽي آءِ وارن کي به اها خبر هئي ته سڀني کي سزائون ملنديون انهي لاءِ سندن وڪيل ڪيس کي وڌائيندا رهيا. 190 ملين پائونڊ ڪيس پهرين ڊسمبر 2023 ۾ داخل ٿيو، نيب ٽرائل دوران 35 گواهن بيان رڪارڊ ڪرايا. جوابدارن دفاع ۾ ڪوبه گواهه پيش نه ڪيو. فيصل واوڊا چوندو رهيو ته عمران خان جي چوڌاري مفادي ماڻهو گڏ ٿيل آهن اهي کيس ڦاسائڻ جي چڪر ۾ آهن اهو ڏوهه به انهن پنهنجي فائدي لاءِ عمران خان کان ڪرايو آهي. چاهين ٿا ته عمران خان کي سزا ملي ۽ پارٽي تي انهن جو قبضو رهي عمران خان جيل ۾ رهي ٻاهر انهن جي سياست هلندي رهي جنهن ۾ هو ڪامياب رهيا. ياد رهي ته آچر تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ به پريس ڪانفرنس دوران فيصل واوڊا چيو هو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ثابت ٿيل آهي انهي کي جيترو مرضي التوا ڪيو وڃي انهي ۾ عمران ۽ بشريٰ کي سزا ضرور ملندي. فيصل واوڊا واحد اڳواڻ هو جيڪو پهرين ڏينهن کان پنهنجي وزارت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هڪ ئي ڳالهه چئي رهيو هو ته سزا ٿيندي سزا کان پوءِ پارٽي بيانن تائين محدود رهندي. بس حڪومت کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي. ڳالهيون صرف بهانو آهن اهو سڀ ڪجهه مذاق ٿي رهيو آهي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ٻئي نٿا چاهين ٿا ته پي ٽي آءِ باني ٻاهر اچي. وقت سينيٽر فيصل واوڊا جي هڪ هڪ ڳالهه کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو.