ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ،ڪرمپور شهر ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ڪنڌڪوٽ واسي ساجن سبزوئي قتل ھڪ زخمي اسپتال داخل تفصيل موجب ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڪرمپور ڀرسان ،گرلز هاء اسڪول وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م ڪنڌڪوٽ واسي ساجن سبزوئي موقعي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي ميرمحمد جعفري سخت زخمي ٿي پيو ھوڏانھن ھٿياربندن موقعي واردات تان فرار ٿي ويا واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو پوسٽ مارٽم لاء اسپتال آندو ويو پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي
