سياسي پارٽين ۾ رنجشون ختم ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: شاهد خاقان عباسي

 اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مون کي ڪير به سياسي پارٽين ۾ رنجشون ختم ڪرائڻ لاءِ ٽياڪڙي لاءِ چوندو ته مان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ملڪ کي آئين جي نظام موجب هجڻ گهرجي ۽ سياسي پارٽيون مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ سان ڳالهيون ڪن. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي هجڻ گهرجي، جيڪڏهن مون سياسي پارٽين جي وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته مان منع نه ڪندس. پاڪستان تحريڪ انصاف جي آرمي چيف سان ملاقات جي مون کي خبر نه آهي، البته اجلاس خيبرپختونخواهه جي سيڪيورٽي صورتحال بابت هو. شاهد خاقان عباسي چيو ته 8 فيبروري تي تحريڪ انصاف جي ڪاري ڏينهن ۾ شرڪت جي دعوت ناهي ملي، پر احتجاج آئين جي دائري ۾ رهي ڪرڻ گهرجي. ملڪ جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ سرمائيڪاري نه پئي اچي، ملڪ ۾ سرمائيڪاري نه ٿيڻ حڪومت جي ناڪامي آهي جڏهن ته مهانگائي جي شرح به گهٽ ناهي ٿي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب اڄ تائين ڪنهن به ڪرپٽ ماڻهو کي گرفتار ناهي ڪيو. پي ٽي آءِ جي دور ۾ اپوزيشن چوندي هئي ته نيب کي ختم ڪريو پر هتي چور ٻين کي پڪڙڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هو ڪڏهن روڊن تي ۽ ڪڏهن عدالتن ۾ گهمي رهي هوندي آهي. پي ٽي آءِ آخر ڇو پارليامينٽ ۾ ڳالهيون نٿي ڪرڻ چاهي.