لاهور: ملڪ جي سياست ۾ عمران پراجيڪٽ جو تجربو ڪندڙ ڪردار وقت گذرڻ سان گڏ وائکا ٿي رهيا آهن، خاص طور جنرل (ر) قمر جاويد باجوه (ر) چيف جسٽس ثاقب نثار، جنرل (ر) فيض حميد ۽ عمران خان مسلسل هڪ ٻئي مٿان الزام هڻي سچ عوام آڏو آڻي رهيا آهن هاڻي ته پي ٽي آءِ وارا جنرل (ر) فيض حميد پٺيان به پئجي ويا آهن ، جڏهن ته لنڊن ڀڄي ويل ميجر (ر) عادل راجا به عمران خان جي محبت ۾ جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، جنرل (ر) فيض حميد ۽ اداري تي غليظ الزام هڻي رهيو آهي پر کانئس ڪير به پڇاڻو ڪرڻ وارو نه آهي، نامياري صحافي موجب صورتحال اهڙي آهي جو هڪ ”ٽرٿ ڪميشن“ جڙڻ گهرجي ۽ اهم شخصيتن کي اهو موقعو ملڻ گهرجي ته حقيقتون عوام آڏو آڻين ۽ آئنده جي لاءِ توبهه تائب ٿين،لنڊن ويٺل عادل راجا الزام مڙهيو آهي ته آءِ ايس آءِ جي سيف هائوس ۾ 4 اداڪارائون اينديون هيون ۽ جنرل (ر) باجوه ۽ فيض حميد رنگين راتيون گذاريندا هئا. ساڳي وقت هن الزام مڙهيو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد وٽ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو سميت اهم شخصيتن جون وڊيوز به آهن، آخر لنڊن مريخ تي ته نه آهي جو عادل راجا پڪڙ کان پري آهي.
جنرل (ر) قمر جاويد باجوه سان ڊگهي ملاقات بابت صحافي جاويد چوڌري ٽيون ڪالم لکيو آهي، جنهن ۾ هن جنرل (ر) باجوه جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته صدر عارف علوي به سچ ڪميشن جوڙڻ جي تجويز ڏني هئي نامياري صحافي موجب اسان چاهيون ٿا ته سچ ڪميشن جڙڻ گهرجي ۽ 2011 کان 2022 تائين جيڪي اهم ادارن جون اهم شخصيتون عمران خان جي صورت ۾ سياسي تجربو ڪرڻ ۾ شامل هيون انهن کي اعتراف ڪرڻ ۽ سڇ ڳالهائڻ جو موقعو ملڻ گهرجي پر موجوده حڪومت ۾ اهڙي طاقت نظر نه ٿي اچي
