پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته عرفان صديقي حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جو ترجمان آهي. عرفان صديقي لاءِ اهو مناسب ناهي ته هو ڳالهين کي معطلي جو شڪار ڪري. بيرسٽر گوهر چيو ته آرمي چيف سان اسان جي جيڪا ملاقات ٿي انهي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون آهن، امن امان جي صورتحال لاءِ ملاقات تي مسئلا نه ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته اسان حڪومت سان ڳالهيون جاري رکڻ چاهيون ٿا. اسان جي شرط آهي ته جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي، پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته 7 ڏينهن ۾ ڪميشن نه بڻجي ته چوٿين گڏجاڻي نه ٿيندي. اسان حڪومت جو انتظار ڪري رهيا آهيون ته اها ڪهڙي اڳڀرائي رپورٽ ٺاهي ٿي. بيرسٽر گوهر چيو ته جيڪڏهن جوڊيشل ڪميشن نٿو بڻجي ته ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو. حڪومت گهبرائي رهي آهي ڇو ته اها فارم 47 جي حڪومت آهي. حڪومت کي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان سمجهون ٿا ته ڳالهين جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪامابي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان هميشه اهو چوندو آهيان ته صبر ۽ برداشت سان گڏ ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ڳالهيون اڳيان وڌائڻ جي لاءِ جلد بازي جي بجاءِ صبر سان ڪم وٺڻو پوندو. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري جا دعوتناما سرڪاري سطح تي ناهن آيا، ڊونلڊ ٽرمپ جا دعوتناما انهي جي اليڪشن ڪميٽي تجويز ڪندي آهي.