خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير عل امين گنڊاپور جي گرفتاري وارنٽ تي عمل نه ٿيڻ تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. وفاقي راڄڌاني جي مقامي عدالت ۾ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا. عدالت علي امين گنڊاپور جي گرفتاري وارنٽ تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي آپريشنز کان وضاحت طلب ڪري ورتي. اسلام آباد جي سيشن عدالت علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي. عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته هر تاريخ تي اوهان ڇوٽ جي درخواست ڏيندا آهيو، علي امين گنڊاپور کي هر تاريخ تي پيش به نٿا ڪريو. وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدار جي بريت جي درخواست تي پهريان فيصلو ڪريو. سيشن ڪورٽ جي جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇوٽ جي درخواست ڏئي عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيا آهيو، عدالت طرفان ڪيترائي ڀيرا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا پر ان تي عمل ڪرڻ جي رپورٽ جمع ناهي ڪرائي وئي.