وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته عدليه کان درخواست آهي ته اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. ڊپٽي چيئرمين سيدال خان جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سوالن جا جواب لکت ۾ پيش ڪيا ويندا آهن ۽ ڪميٽين ۾ ٻيا معاملا به بحث هيٺ آندا ويندا آهن. هن چيو ته اسان کي هر سوال تي ضمني سوال به وٺڻ گهرجن. فارن افيئر ڪميٽين وٽ ڪيترائي معاملا التوا هيٺ هوندا آهن. اسان کي هر سوال تي ايوان ۾ بحث ڪرڻ گهرجي. اعظم نذير تارڙ چيو ته مختلف کاتن لاءِ اهو لازمي آهي ته حقيقي انگ اکرن سان سامهون اچن ۽ عدليه ايگزيڪيٽو کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏين. ادارن کي پنهنجي اختيارن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي. عدليه کان درخواست آهي ته اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. ڇو ته قانونسازي ڪرڻ اسان جو ڪم آهي، اهو اسان کي ڪرڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته ڊيپوٽيشن پاليسي جي گنجائش سروس رولز ۾ موجود آهي پهريان 3 سالن جي لاءِ ڊيپوٽيشن ٿيندي آهي پوءِ 2 سال واڌ ٿيندي آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلن ۾ چيو آهي ته ڊيپوٽيشن کي معمول نه بنايو وڃي. وفاقي قانون واري وزير چيو ته حڪومت ڪنهن به اداري جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري، عدليه به ايگزيڪٽو جي معاملن ۾ سڌو سنئون مداخلت کان پاسو ڪري.