اسلام آباد: حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت وڏو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار فيصل ڪريم ڪنڊي هلندڙ سال جي شروع ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت ”نئون سروي“ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
آچر ڏينهن جاري هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار نئين سال جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته گذريل سال پاڪستان کي ڪورونا ۽ ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو پر اسان گراس روٽ ليول تي مستحق ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون هن چيو ته هن سال کدڙن فقيرن کي بينظير ڪفالت پروگرام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي جيڪو ان پٺتي پيل ڪميونٽي جي مالي آزادي کي يقيني بڻائڻ طرف هڪ بهترين قدم آهي هن وڌيڪ چيو ته سال جي شروعات ۾ بي آءِ ايس پي جا 5 لک 80 هزار مستحق ڪفالت پروگرام جي نئين قسط حاصل ڪرڻ وڃي رهيا آهن جڏهن ته انهن مستحقن جي ٻارن کي تعليمي وظيفا پڻ پهچايا ويندا

پنھنجي راءِ لکو