مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پنجاب سنڌو درياءَ مان هڪ ڦڙو اضافي کڻڻ کان سواءِ پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪئنال ٺاهي رهيو آهي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پنجاب صوبو سنڌو درياءَ مان هڪ ڦڙو به پاڻي جو اضافي نه کڻي رهيو آهي پنهنجي حصي جي پاڻي تي ڪئنال ٺاهي رهيو آهي ته مخالفن کي ڪهڙي ڳالهه تي اعتراض آهي؟ هن چيو ته پاڻي جي ورهاست 1991ع جي معاهدي جي اندر آهي ته پوءِ اهو ڏوهه ته نه آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ به عرفان صديقي ساڳيو بيان ڏنو هو جنهن جي جواب ۾ کيس سينيٽر شيري رحمان چيو هو ته اهڙي منصوبي سان سنڌ جون زمينون تباهه ٿي وينديون، پاڻي جي ورهاست اڳ ئي 1991ع جي معاهدي تحت نه ٿي رهي آهي انهي ڪري اهو معاملو ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي. ٻئي پاسي آبي وسيلن واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڻي جي ورهاست تي شڪ آهي ته ڊجيٽل ميٽرز لڳرايا وڃن سڀني کي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي صوبي کي ڪيترو پاڻي ملي رهيو آهي.