صدر آصف زرداري اقتدار خاطر سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ جي منظوري ڏني آهي، سخت مزاحمت ڪنداسين: ڊاڪٽر قادر مگسي

 مورو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ عوام جاڳرتا مھم جي حوالي سان مورو ۾ پھتو مقامي اڳواڻن پاران مورو مھراڻ سٽيزن ڪلب اڳيان عوامي رابطا مھم جي اسٽيج سجائي وئي جتي قادر مگسي سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن پاران خطاب ڪيو ويو. عوامي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته مورو سجاڳ ماڻھن جو شھر آھي جتي جا جتوئي خاندان ايم آر ڊي تحريڪِ جا ھيرا رھيا آھن جن جيل جون سختيون سٺيون پنھنجي جسم تي گوليون برداشت ڪيون ۽ اڄ آصف علي زرداري جي پيپلزپارٽي سندن انتقام جي باھ ۾ سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين سخت تڪيلف ڏني پئي وڃي سنڌ ۽ سنڌو تي ٺھندڙ ڪينال پڻ صدر جي منظوري سان ڪم جاري آھي جنھن خلاف اسان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيو اڳ ۾ سنڌو دريا جي ٻنھي ڪپرن سان وڏا وڏا ٻيلا ھوندا ھئا عام ماڻھو جي ڪمائي جو ذريعو ٻيلا ھوندا ھئا سنڌي ماڻھن جو گر صفر مال متاع تي ھوندو ھئو جڏھن ضياء آيو جنھن پنھنجي طاقت جو غلط استعمال ڪندي سنڌ جي  زمين تي موجود ٻيلن کي ختم ڪيو ويو ھتان جا وڏيرا انھن جي ان سموري غلط عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھن ھي عام ماڻھو کان جياپي جو حق کسيو پيو وڃي. هن چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زرعي زمين فوجين کي ڏني پئي وڃي جيڪي ھتي پاڻ کي آباد ڪري سنڌ جي ماڻھن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏيڻ جو سوچيو پيو وڃي اسان جون نانيون ڏاڏيون ھن درياء جو پاڻي پيئندي مري ويون آھن اسان جي رڳن ۾ جيڪو رت آھي اھو پڻ سنڌو دريا جي پاڻي جي ڪري آھي جنھن ڪري اسان جي جسم ۾ رت جو سرشتو ھلي ھيو آھي جيڪو ڪم ضياء الحق نه ڪيو نوازشريف نہ ڪيو اھو ڪم شھباز شريف ڪري ڏيکاريو آھي جنھن سنڌ جو پاڻي چورائڻ لاء پنجاب حڪومت ڇھ ڪينال ڪڍيا آھن سنڌو اسان جو ساھ آھي پنجابي ڪير ٿيندا آھن شھباز شريف ڪير ٿيندو آھي جيڪو اسان جو پاڻي چورائي مگر اسان جي جسم جو حصو خراب ٿيو آھي جنھن جي مدد سان اسان جو پاڻي چورايو پيو وڃي صدر زرداري اقتدار خاطر سنڌ لکي ڏني آھي ھو چئي ٿو صرف مونکي اقتدار مان نه ڪڍو باقي سنڌ جي زمينن کي ڀلي ڪارپوريٽ زرعي وڪرو ڪيو ان سان صدر صاحب جو ڪو تعلق نه آھي مان مورو وارن جو تمام گھڻو شڪر گذار آھيان جن ھزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنھنجي ڌرتي پنھنجي سنڌو سان گڏ ھجڻ جو ثبوت ڏنو آھي.