سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيليفون تي رابطو

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن لاڳاپن، سرمائيڪاري، واپار، ۽ دهشتگردي جي روڪٿام تي ڳالهايو. محمد بن سلمان ٽرمپ کي عهدي سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ آمريڪا سان 600 ارب ڊالرز جي سرمائيڪاري وڌائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ۽ آمريڪا سعودي عرب سان تعلقات کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.