ميڊيا لاءِ کوٽيل قبر ۾ ناجائز حڪومت پاڻ دفن ٿي ويندي: بيرسٽر سيف

خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته ميڊيا جي لاءِ کوٽيل قبر ۾ ناجائز ۽ اڻ چونڊيل حڪومت پاڻ دفن ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ کان انڪار حڪومت جي اڻ چونڊيل ۽ ناجائز هجڻ جي دليل آهي، عوام ۾ غير مقبول حڪومت پي ٽي آءِ جا لکت وارا مطالبا سامهون اچڻ تي هاڻ ڀڄڻ جي تياري ۾ آهي. بيرسٽر سيف چيو ته ناجائز حڪومت عدليه، ميڊيا ۽ اپوزيشن جو وجود ختم ڪرڻ جي لاءِ نئون قانون آڻي رهي آهي، پارليامينٽ کي رٻڙ جو اسٽيمپ ٺاهيو ويو آهي. پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم بابت ڳالهيون ڪندي بيرسٽر سيف چيو ته ميڊيا جي لاءِ کوٽيل قبر ۾ غير چونڊيل حڪومت پاڻ دفن ٿي ويندي. اسپيڪر اياز صادق کي پنهنجي اڄ جي غير جمهوري ڪردار تي سڀاڻي شرمندگي ٿيندي. صوبائي صلاحڪار چيو ته حڪومت ڳالهين کان ڀڄي اپوزيشن کي روڊن تي اچڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف نالائق ڪي پي ڪي جي گورنر کي اسلام آباد ۾ گهر ڏئي خيبرپختونخواهه حڪومت جي خلاف سياسي مورچو ٺاهي رهيو آهي.