پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت سان جاري ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان منهنجي ۽ ٻين وڪيلن جي ملاقات ٿي آهي. عمران خان اڳ به حڪومت کي 7 ڏينهن جو وقت ڏنو هو. پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته اڄ جيڪڏهن حڪومت ڪميشن جو اعلان نه ڪيو ته اسان ڳالهيون نه ڪنداسين. بيرسٽر گوهر چيو ته جيڪڏهن ڪميشن جو اعلان انهي دوران نٿو ٿئي ته اسان جي ڳالهين جو وڌيڪ رائونڊ اڳيان نه هلندو. حڪومت ڪميشن جو اعلان اڃان تائين ناهي ڪيو. اسان جي خواهش هئي ته ڳالهيون ٿين ۽ اڳيان وڌن. هن چيو ته جيڪڏهن سياسي اختلاف ايترا وڌيڪ آهن جو انهن جو حل نه پيو نڪري. ڪميشن ٺاهڻو آهي ته 3 سينئز ججز سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ مان هجڻ گهرجن. اسان آئين ۽ قانون موجب پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. هن چيو ته آزاد عدليه ۽ 26هين آئيني ترميم جي خلاف ڪوشش ڪنداسين، سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي جدوجهد شروع ڪنداسين عمران خان چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن تائين ڪميشن جو اعلان ٿيڻو هو جيڪو اڃان تائين نه ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان پهريان ئي چئي چڪو آهي ته اسان کي ڪنهن به پرڏيهي ملڪ جي مدد جو انتظار نه آهي نه ئي پي ٽي آءِ انهي ڳالهه تي يقين رکي ٿي. ياد رهي ته اڱاري تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي لاءِ قائم حڪومتي ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو هو ته پي ٽي آءِ جو 9 مئي ۽ 26 نومبر تي جوڊيشل ڪميشن سميت ٻين مطالبن تي 7 ڏينهن ۾ تفصيلي جواب ڏينداسين پر جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي.