قومي اسيمبلي ۾ اڄ ٻيهر پي ٽي آءِ ميمبرن طرفان احتجاج ڪيو ويو ۽ نعريبازي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ اپوزيشن ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب اعتراض جي نڪتي تي مائيڪ گهريو، پر اسپيڪر کيس اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عمر ايوب کي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن ڊيسڪون وڄائي احتجاج ڪيو جنهن سبب ايوان جي ڪارروائي سخت متاثر ٿي ۽ اسپيڪر ڪن تي هيڊ فون لڳائي ورتا. انهي دوران حڪومتي وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽريز هيڊ فون لڳائي ڪارروائي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن طرفان ظالمو جواب ڏيو، خون جو حساب ڏيو جا نعرا لڳايا ويا انهي دوران پي ٽي آءِ ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون به ڦاڙي اڇلائي ڇڏيون. قومي اسيمبلي جي ميمبر آغا رفيع الله چيو ته عوام ڏسي وٺي اڄ پي ٽي آءِ جا نمائندا انهن جي حقن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هي جانورن جا آواز ڪڍي رهيا آهن، هتي هي مهانگائي جون ڳالهيون نٿا ڪن، نه ئي بجلي تي ڳالهائين ٿا. پي ٽي آءِ جا ميمبر احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.