سنڌ جو چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه اڄ هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي حيدراباد پهچي ويو. چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه دوري دوران ڪمشنر حيدرآباد جي ڪيمپ آفيس پهچڻ تي ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن بلال احمد ميمڻ، ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو ۽ ڊپتِ ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ سندس پرجوش اسقبال ڪيو. دوري دوران چيف سيڪريٽري حيدرآباد جي ڪيترن ئي اهم عالئقن جو دورو ڪيو جن ۾ آٽو ڀان روڊ، عبدالستار ايدهي روڊ، قاسم چوڪ ۽ واڌو واهه روڊ شامل آهن. ڪمشنر جي ڪيمپ آفيس ۾ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن بلال احمد ميمڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيف سيڪريٽري کي هلندڙ ترقياتي منصوبن ۽ قدمن جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪئي جنههن جو مقصد حيدرآباد ۾ انفرااسٽرڪچر ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بنائڻ آهي.