خضدار کان راولپنڊي ويندڙ مسافر بس تي بم حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڪيترائي زخمي

 بلوچستان جي ضلعي خضدار کان پنجاب جي شهر راولپنڊي ڏانهن ويندڙ مسافر بس تي نامعلوم دهشتگردن جي بم حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب خضدار مان روانو ٿيل مسافر بس تي ڌماڪو ايم 8 شاهراهه تي ٿيو، اسسٽنٽ ڪمشنر خضدار حفظ ڪاڪڙ خضدار کان راولپنڊي ويندڙ بس تي ڌماڪي جي تصديق ڪئي. ليويز اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪيدار مواد ٻئي گاڏي ۾ لڳايو ويو هو. ليويز اختيارين موجب ڌماڪيدار مواد روڊ ڪناري بيٺل ڪار ۾ لڳايو ويو هو، بس جي گذرندي ئي ڌماڪو ٿي ويو، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي ٽراما سينٽر خضدار منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڌماڪي جي جاچ شروع ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته  حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد جي فراهمي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ به تربت جي علائقي ڊهنگ ۾ ڌماڪي سبب 4 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 32 زخمي ٿي پيا هئا. پوليس ٻڌايو هو ته ايس ايس پي زوهيب محسن گهر ڀاتين سان گڏ ڌماڪي جي وقت اتان کان گذري رهيو هو. ايس ايس پي ۽ ان جي گهر ڀاتين جا 6 ڄڻا به زخمين ۾ شامل هئا.