حڪومت جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان ۽ سينيٽ ۾ مسلم ليگ(ن) جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان ڳالهين جي خاتمي جو اعلان ڪري اسپيڪر ۽ ڪميٽي جي توهين ڪئي، هنن پوري ڳالهين جي عمل کي تماشو بنائي ڇڏيو آهي اسان ڪيستائين انهي تماشي جو حصو بنجندا رهنداسين. صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي اڃان تائين باقاعده طور تي ڳالهين جي خاتمي جي حوالي سان آگاهه نه ڪيو انهي ڪري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پهريان کان طئي ٿيل معاملن موجب 28 جنوري جي ڳالهين جو ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري رکيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا 28 تاريخ تي ڳالهين لاءِ ويهن ۽ اسان کي ٻڌن، اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته جوڊيشل ڪميشن نه ٺاهينداسين، اسان ڳالهين جي حوالي سان سنجيده ڪوششون ڪري رهيا آهيون. عرفان صديقي وڌيڪ چيو ته اسان ڳالهيون ختم نه ڪيون آهن. جڏهن هڪ طرف کان ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن ته اسان ڪنهن سان ڳالهيون ڪريون ڇا اسان ڪمري ۾ ويهي ڀتين سان ڳالهيون ڪريون.؟ هن چيو ته ڳالهين ۾ صبر جي ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڳالهين جو عمل ڇڏي رهي آهي ته يقينن هنن جي ذهن ۾ ڪو نه ڪو منصوبو هوندو.