پي ٽي آءِ وارا پرڏيهي سازشون بند ڪري ڳالهين جي ميز تي اچن: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان تحريڪ انصاف وارا ملڪ جي خلاف پرڏيهي سازشون بند ڪري ڳالهين جي ميز تي اچن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي اندر سنجيده قسم جا تڪرار آهن، اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ وارا ملڪ جي خلاف پرڏيهي سازشون بند ڪري ڳالهين جي ميز تي اچن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻين صوبن ۾ وڌيڪ ڪم ٿي رهيا آهن ته  پوءِ ماڻهو ٻين صوبن ۾ وڃڻ جي بجاءِ سنڌ ڇو اچي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت جا 180 ارب روپيه ڦاٿل آهن، سيس ٽيڪس سنڌ حڪومت کي ملڻ گهرجي. حددخلين جي خلاف ڪارروائين تي پوليس تي حملا ڪيا ويا آهن. عوام جي رد عمل موجب فيصلا  ڪرڻا پوندا آهن. پورو پاڪستان اسان جو آهي ڪير جيڪڏهن بهتر ڪم ڪري رهيو آهي ته اهو بهتر عمل آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پنجاب جي پارٽين جي رهي آهي، انهن موٽرويز تي ڌيان ڏنو، وفاقي منصوبن ۾ سنڌ يا ٻين صوبن سان ڪيتري زيادتي ڪئي وئي انهي جي لسٽ موجود آهي. پوري پاڪستان جي اصل ضرورت توانائي آهي. ٿر ڪول جو منصوبو پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت شروع ڪيو. پي ايم ايل، اين جي حڪومت انهي منصوبي کي ختم ڪيو. 2008 ۾ صدر آصف علي زرداري جي حڪومت  ٻيهر اچڻ تي ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو. هن چيو ته سولر منصوبي جي تحت سنڌ جي لکين ماڻهن کي سولر جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت سنڌ ۾ 21 لک بي گهر ماڻهن جي لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن. صحت جي شعبي ۾ سنڌ سڀني کان اڳيان آهي. اين آءِ سي وي ڊي، اين آءِ سي اچ، سائبر نائف جهڙو  هڪ به ماڊل پاڪستان جي ڪنهن صوبي ۾ نه ملندو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين جو مسئلو اهم آهي. سنڌ ڪابينه يونيورسٽيز ۾ وي سي جي  ڪرائيٽيريا کي وڌايو آهي. موجوده نظام جي تحت ڪوبه پروفيسر وي سي مقرر ٿي سگهي ٿو. ائين ناهي ته ڪو پروفيسر وي سي مقرر نٿو ٿي سگهي. وي سي مظهرالحق صديقي، علامه آءِ آءِ قاضي، نثار صديقي، مظفر شاهه بيورو ڪريٽ هئا، پر اهي به وي سي مقرر ٿيا، پهريان 8 يونيورسٽيون هيون . اڄ سنڌ ۾ 30 يونيورسٽيو آهن. درخواستگذار محدود ٿي ويندا ته ڇا ڪنداسين. عمر جي حد 62 سال ۽ لاڳاپيل فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي جي شرط رکي وئي آهي.