اسپيڪر اياز صادق جو عمر ايوب سان فون تي رابطو، پي ٽي آءِ ڳالهين واري اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه اياز صادق طرفان رابطو ڪرڻ جي باوجود اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اپوزيشن اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه عمر ايوب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين سان ئي ممڪن آهي. ڳالهين جي ذريعن ئي معاملن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو. عمر ايوب اسپيڪر اياز صادق کي پي ٽي آءِ باني جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته حڪومت اسان جي مطالبن تي دير جا طريقا استعمال ڪيا، جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ کان سواءِ ڳالهيون اڳيان نٿيون وڌي سگهن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڄ ٿيندڙ ڳالهين جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هدايت ڪئي آهي ته اپوزيشن ميمبر اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا. ذريعن چيو آهي ته باني چيئرمين جي چوڻ تي پي ٽي آءِ ڳالهين جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پنهنجي جوڊيشل ڪميشن جي قيام تي قائم آهي. پي ٽي آءِ ذريعن واضح ڪيو آهي ته جيستائين جوڊيشل ڪميشن نه بنايو ويندو پي ٽي آءِ ڳالهين جي عمل کي اڳيان نه وڌائيندي اهڙي فيصلي کان پوءِ ڳالهين جو عمل هڪ دفعو ٻيهر ڊيڊلاڪ جو شڪار ٿي ويو آهي.