سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج ۽ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه جسٽس(ر) فقير محمد کوکر لاڏاڻو ڪري ويو آهي. حڪومت جسٽس(ر) فقير محمد کوکر کي هڪ هفتو اڳ جسٽس(ر) جاويد اقبال جي جڳهه تي گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو هو. سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه جسٽس(ر) فقير محمد کوکر لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنهن جي تصديق ان جي گهر ڀاتين طرفان به ڪئي وئي آهي. گهر ڀاتين موجب جسٽس(ر) فقير محمد جي جنازي نماز اڄ لاهور ۾ عصر جي نماز کان پوءِ ادا ڪئي ويندي. انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته جسٽس(ر) فقير محمد کوکر ڪافي وقت کان بيمار هو ۽ لاهور جي سروسز اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. جنهن کان پوءِ اڄ اهو لاڏاڻو ڪري ويو.