خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر ڊاڪٽر سيف چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جون ڳالهيون ناڪام ڪرائڻ جون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون. پنهنجي بيان ۾ بيرسٽر سيف چيو ته نوازشريف عرفان صديقي کي ڳالهين جي ناڪامي جو حدف ڏنو هو ۽ انهي کان پوءِ عرفان صديقي ۽ راڻا ثناءُالله جي بيانن سان حڪومت جي غير سنجيدگي واضح ٿي وئي هئي. هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن نه ٺاهڻ سان اهو ظاهر ٿي ويو آهي ته هي چور آهن، وفاقي حڪومت کي خدشو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ سان جعلي حڪومت جي حقيقت بي نقاب ٿي سگهي ٿي، حقيقت سامهون اچڻ کان پوءِ جعلي حڪومت کي منهن لڪائڻ جي به جڳهه نه ملندي. هن چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز جو گروپ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ خوشيون ملهائي رهيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نوازشريف کي سياسي عدم استحڪام ۾ پنهنجي بقا نظر اچي رهي آهي ۽ انهي لاءِ هو انهي صورتحال کي وڌيڪ ڏکيو بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.