تفصيلات موجب، محبت جي شادي لاءِ ڪراچي ايندڙ آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو کي چھیپا هيڊ آفيس منتقل ڪيو ويو۔ ٽيپو سلطان پوليس خاتون کي چھیپا هيڊ آفيس پهچايو، جتي ترجمان موجب، کيس الڳ ڪمرو فراهم ڪيو ويو آهي۔ چھیپا ويليفئر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته خاتون ذهني دٻاءُ ۾ آهي، جنهن سبب هوءَ ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي۔ رمضان چھیپا تصديق ڪئي ته ٽيپو سلطان ٿاڻي جي معرفت آمريڪي خاتون کي چھیپا حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته هوءَ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي جي رستن تي دربدر ٿي رهي هئي۔ هن وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته آمريڪي عورت کي پاڪستان مان عزت سان روانو ڪيو وڃي، ۽ پريشاني سبب سندس ذهني حالت متاثر ٿي آهي۔ گذريل ڏينهن آمريڪي خاتون سڄو ڏينهن هڪ فليٽ جي بيسمينٽ ۾ رهي، جنهن کان پوءِ اوچتو آن لائن ٽيڪسي ذريعي ڪنهن نامعلوم هنڌ روانو ٿي وئي، جنهن بابت پوليس به بيخبر هئي۔ خاتون جو دعويٰ هو ته هن آن لائن شادي ڪئي آهي، کيس پئسا نه گهرجن، ڇاڪاڻ ته هوءَ مالي طور تي خودمختيار آهي۔ ياد رهي ته اونيجا اينڊريو ڪجهه ڏينهن اڳ گارڊن واري علائقي ۾ پاڪستاني نوجوان ندال ميمڻ جي گهر آڏو دھرڻو هنيو هو، جتي هوءَ فليٽ جي پارڪنگ ايرياتي ڪرسي وجهي ويهي رهي۔ سندس چوڻ هو ته، “ڪجهه به ٿي پوي، پر پنهنجي محبت حاصل ڪرڻ کان سواءِ واپس نه وينديس۔” پوليس اختيارين موجب، خاتون ڇوڪري سان ملاقات ۽ هر هفتي 5 هزار آمريڪي ڊالر ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪري رهي آهي۔